اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گه??تائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 ب??ين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبدي??ين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير مح??ود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گ??ين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گ??ين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل ??يٺين سطح کان 9 سيڪڙو گه?? آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل ??دفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ ب??ين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبدي??ين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گه??تائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گه??تائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گه?? ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گه??تائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گ??ين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گه?? آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ