اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته م??ڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي کانسواءِ ڪو به م??ڪ ترقي نه ٿو ڪري ??گهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سِڪ يونٽس جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي لاءِ ٺوس پاليسي ڏني، حڪومت ??ي ڪا??وب??ر دوست پاليسين ??ي ڪري ??نعتي شعبو ترقي ڪري ??هيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ ??ي ڪري ??وزگار ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ??ي ڪورونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪا??وب??ر دوست پاليسين ??ي ڪري ??نعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن ??ي ڪري ??وزگار جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت ??ي وڌائڻ ۽ بيمار يونٽس جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ نئين شعبن جي شموليت يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪي صنعتي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania