دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب زلزلي وارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظا??ر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. فرانس جي خابرو اداري آمريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تاجڪستان جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشان جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شروعاتي زلزلي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا، چائنه سينٽرل ٽيلي ويزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چين جي سرحد کان ويجهي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو جنهن کي چين جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زلزلي وارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آبادي وارا نه هئا. جڏهن ته ان علائ??ي ۾ موجود ڍنڍ ??ار??ز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پ?? خطرو آهي. ??ار??ز ڍنڍ تاجڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ??ار??ز ڍنڍ جي پٺيان پامير پهاڙن جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ثابت ٿيندا. هوڏانهن فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج