رامله -13 جون (اي پي پي) فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيه مسجد اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين ۾ ورهاڱي جي حوالي سان مسودي واري قانون کي اسرائيلي پارليامينٽ ۾ پ??ش ڪرڻ جي منصوبي تي ڳڻتي جو ا??هار ڪندي ان تجويز ڪيل قانون تي عملدرآمد کي روڪرائڻ لاءِ ترڪيه، انڊونيشيا ۽ مصر کان مدد جي درخواست جو ا??ارو ڏنو آهي. عرب نيوز مطابق فلسطين جي وزيراعظم اسرائيلي اختيارن کي به خبردار ڪيو آهي ته هو قانوني مسودو پارليامينٽ ۾ پ??ش ڪرڻ کان پاسو ڪري. هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته ان قدم سان وڏي پئماني تي ڏڦيڙ ٿي سگهن ٿا ۽ فلسطيني عرب ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مسجد اقصيٰ هڪ مقدس هنڌ هجڻ جي ڪري ان قدم جا ناقابل تصور نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان قدم جي نه رڳو مذمت ڪن پر عملي طور قدم کڻن ۽ اسرائيلي تي اهڙيون پابنديون لڳائين ته جيئن هو مسجد اقصيٰ جي حوالي سان موجوده قانونن جي ڪا ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي. فلسطينين کي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته اسرائيل جي ليڪوڊ پارٽي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبر اميت هالوي طرفان مسجد اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين وچ ۾ ورهاڱي تي ٻڌل قانوني مسودي جي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ پ??ش ڪرڻ جي قدم کي هڪ وڏو منصوبو قرار ڏنو آهي جنهن جو نتيجو ا??رائيل ۽ فسلطين وچ ۾ وڏي پئماني تي جنگ ۽ تشدد جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ان مسودي تحت مسجد اقصيٰ جي صحن ۾ واقع گنبذ صحره جي اڱڻ کان وٺي مسجد اقصيٰ جي اترئين حد تائين جو علائقو يهودين کي الاٽ ڪرڻ تجويز ڪيو ويو آهي. ان منصوبي تي عمل جي صورت ۾ مسجد قصيٰ جي حيثيت الخليل ۾ واقع مسجد ابراهيم جهڙي رهجي ويندي جنهن جو 75 سيڪڙو حصو يهودين کي عبادت لاءِ الاٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مسلمانن لاءِ رڳو 25 سيڪڙو حصو بچيل آهي. نئين قانون جي منظوري جي صورت ۾ يهودين کي سمورن دروازن مان مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي. هن وقت يهودين کي رڳو مراڪشي دروازي مان مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي.
عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري مسجد اقصيٰ جي ورهاڱي جي تجويز ڪيل اسرائيل جي منصوبي تي عمل کي روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: فلسطين جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria