پيرس -20 نومبر (اي پي پي) فرانس پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڊگهي مفاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ ايم51.3 بيلسٽڪ مي??ائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق فرانس جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته مي??ائيل ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت نٿ?? رکي، اهو مي??ائيل ڏکڻ اولهه کان فرانس جي فوج کي بسڪا روسي مي??ائيل ٽيسٽنگ سائٽ تان فائر ڪيو ويو هو ۽ ڪنهن به سامونڊي پٽي کان ڪيترائي ڪلوميٽر ڏور اتر اوقيانوس سمنڊ ۾ ڪريو. دفاع واري وزارت چيو ته ان تجربي سان مي??ائيل ۾ هڪ وڏي بهتري جي تصديق ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ڏهاڪن ۾ فرانس جي سامونڊي دفاع جي ديرپا صلاحيت ۾ حصو وجهندي. دفاع واري وزارت چيو آهي، ته عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي فرانس جي ايٽمي هٿيارن جي آپريشنل ساک کي برقرار رکڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار