جنيوا -20 نومبر (اي پي پي) ص??ت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي، ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته غزه ۾ شفا اسپتال هاڻي وڌيڪ خدمتون فراهم نٿي ڪري سگ??ي. جيڪا اسرائيل جي ناڪابندي ۽ حملي جي لپيٽ هيٺ آهي. هن آگاهي ڏني ته پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه طبي سامان به ختم ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ??ه ٻارن سميت مريضن جي حالت تمام خراب آهي، طبي عملي اهڙن مريضن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته اسان پنهنجي شراڪتدارن سان فوري طور تي مريضن کي اتان منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ان منصوبي کي مڪمل طور تي سهولت فراهم ڪئي وڃي. موجوده صورتحال برداشت جوڳي ناهي، هاڻي جنگبندي ڪئي وڃي. هڪ ٽي?? ٻڌايو آهي ته اسپتال جي دروازي تي هڪ اجتماعي قبر ڏٺي آهي ۽ اٽڪل اتي 80 کان وڌيڪ ماڻهو دفن آهن. ص??ت جي عالمي اداري ٻڌايو ته هن وقت اسپتال ۾ 291 مريض ۽ 25 طبي ڪارڪن موجود آهن جن مان 32 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي اداري چيو آهي، ته ف??ري جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ وڏي پئماني تي انساني امداد جاري رکي وڃي.
غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس