گڏيل قومون -19 مارچ (اي پي پي) غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ۾ شهري آبادي کي بک ۽ ڏڪار جي خطرن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ ٻي ڳڻتي واري رپورٽ جاري ڪئي آهي. العربيه مطابق گڏيل قومن طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته غزه ۾ هاڻي ۽ مئي جي وچ تائين ڏڪار ??کڙجڻ جو امڪان آهي جتي هن وقت 3 لک ماڻهو هاڻي به ويڙهه سبب ڦاٿل آهن. فوڊ سيڪيورٽي جي مربوط عارضي درجه بندي تي ٻڌل رپور?? ۾ ??يو ويو آهي ته غزه پٽي ۾ بک سبب ”تباهه ڪندڙ“ سطح کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو تعد??د وڌي 1.1 ملين ٿي ويو آهي جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي. رپور?? ۾ ??يو ويو آهي ته امڪان آهي ته مارچ 2024ع جي وچ کان مئي 2024ع تائين غزه جي پٽي جي وڏي آبادي ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي. رپور?? ۾ ??يو ويو آهي ته غزه ۾ هر ماڻهو کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اتر غزه ۾ اٽڪل 210000 ماڻهو بک جي پنجين مرحلي ۾ آهن جيڪو تباهه ڪندڙ بک جي نشاندهي آهي.
غزه جي 70 سيڪڙو آبادي مئي تائين تباهه ڪندڙ ڏڪار جو شڪار ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار