باڪو _21 آگسٽ (اي پي پي ) آذربا??يج???? باضابطه طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. الجزيره مطابق آذربا??يج??ن جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آئيحان حاجي زاده چيو آهي ته سندس ملڪ برڪس جو ميمبر بڻجڻ لاءِ باضابط درخواست ڏني آهي. آذربا??يج??ن ۽ چين وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي قيام بابت گڏيل پڌرائي “ قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ 03 ۽ 04 جولاءِ تي منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي مُلڪي سربراهن واري اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي. پڌرائي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته آذربا??يج??ن پاران برڪس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چين ان درخواست جي آجيان ڪئي آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي 18 ۽ 19 آگسٽ تي آذربا??يج??ن جي سرڪاري دوري جي ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چ??و ويو هو ته روس برڪس ۾ آذربا??يج??ن جي شرڪت جي حمايت ڪري ٿو. جون 2006ع تي سينٽ پيٽرز برگ انٽر نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين گڏجي برڪس جو بنياد وڌي هو. سال 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ان ئي سال مصر، ايٿوپيا جي شرڪت سان هڪ گهڻ قومي تنطيم جوڙي وئي هئي. ايران ۽ گڏيل عرب امارات جي به شموليت سان ان کي وڌيڪ هٿي ملي. 40 کان وڌيڪ ملڪن برڪس ۾ شموليت لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.
آذربائيجان باضابط طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena