اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سف??رت?? مح??ذ تي ڀارت کي ھڪ وڏو جھٽڪو لڳو آهي ڪينيڊا ڀ??رت?? ھاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سف??رت?? اھلڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس سبب ڀ??رت?? سفارتڪارن کي ڪينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھاءِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي واپس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ڪينيڊا خالصتان نواز سک اڳواڻ هرديپ سنگ نجر جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪي?? ھو. ڀ??رت?? پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا احتجاج ۾ ناظم الامور کي به طلب ڪري ورتو. ڀ??رت?? پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ موجود ڀ??رت?? سفارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان م??دي حڪومت کي ڪينيڊا جي موجوده حڪومت تي اعتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪرار جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگه نجر جي قتل بعد ٿي?? ھو. ڪينيڊا جي وزيراعظم ھرديپ سنگ نجر جي قتل جا الزام ڀ??رت?? حڪومت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سف??رت?? اختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چي?? ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری