اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان جي سرحد جي اندر پاڪ سرزمين ۾ بارڊر مينيجمينٽ ۽ اچ وڃ کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ڪنهن ٻه طرفي معاهدي يا عالمي قانون جي خلاف ورزي نه آهي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ طورخم بارڊر ??ي پاڪ افغان فورسز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ افغانستان طرفان بنا سبب جي فائرنگ ??ي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته 12 جون تي افغان فورسز طرفان پاڪستان جي طرفان هن پنهنجي علائقي ۾ 31 ميٽر پاڪستاني سرحد جي اندر گيٽ جي تعمير ڪئي پئي وئي ??نه?? تي بنا سبب جي فائرنگ ڪئي وئي ??نه?? ۾ 9 سويلين زخمي ٿيا ۽ ان فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ ميجر علي جواد 14 جون تي زخمن جا تاب نه سهندي شهيد ٿي ويو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس