انقره – 23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي توانائي، معيشت، زراعت، تعليم، سائنس ۽ اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ٺوس قدمن وسيلي ٻه طر??ي تعاون ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ سطح اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامي ۾ امن ۽ خوشح??لي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن بابت گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشح??لي جو گڏيل ويزن رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي جي حملن جي پرزور مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت جي خاتمي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو، علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارم تي ا?? سلسلي ۾ لاڳاپيل قدمن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ترڪي ۾ 15 جولاءِ 2016ع جي ناڪام بغاوت جي سخت مذمت ڪندي ترڪ بهادر عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو
پاڪستان ۽ ترڪي پاران گڏيل پڌرنامو جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات