اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ هيلٿ ميموريل ميٿوڊسٽ چرچ تي دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت کي ورجائيندي متاثرين جي لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب 17 ڊسمبر تي ڪوئيٽا ۾ هيٿل ميموريل ميٿوڊسٽ چرچ تي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ??اڻ??و مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. وزيراعظم پاران متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي پئڪيج موجب دهشتگردي جي ان واقعي ۾ مارجي وين??ڙن جي وارثن جي لاءِ 10 لک رپيا، سخت زخمين جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ زخمي ??اڻ??ن جي لاءِ 3 لک رپين جي زرتلافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو امدادي پئڪيج صوبائي حڪومت پاران متاثرين کي ڏني ويندڙ امداد کانسواءِ هوندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:27
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات