اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سي??يٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سي??يٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سي??يٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوا??ي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوا??ي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪ?? 218 جي ذيلي شق 3 اليڪشن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : راکی