گڏيل قومون- 24 فيبروري(اي پي پي) ??اڪ??تان روس ۽ يوڪرين تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ??اڪ??تان روس – يوڪرين جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد تي ٿيل راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو، ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ روس – يوڪرين تڪرار جي خاتمي جي قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو نه وٺڻ جي وضاحت ڏيندي ٻڌايو ته هن ان قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪيو، جنهن جو مسودو يوڪرين تيار ڪيو هو، شريڪ اسپانسرز طرفان تڪرار جي شدت ۾ گهٽ??ائ?? آڻڻ جي ڪوششن باوجود ڪجهه شقون هاڻي به ??اڪ??تان جي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. هن چيو ته ??اڪ??تان خودمختياري، برابر خودمختياري ۽ رياستن جي علائقائي سالميت جي احترام جي اصول ۽ ڌمڪي يا طاقت جي استعمال ??ان علائقي کي حاصل نه ڪرڻ جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. ??اڪ??تاني سفير چيو ته طاقت جي استعمال ??ان رياستن کي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر کيس افسوس آهي ته پرڏيهي قبضي جي صورتحال ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غير قانوني ۽ جبري الحاق جي جاري ڪوششن ۾ انهن اصولن جو عالمي سطح تي لاڳو ۽ احترام نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان يوڪرين ۾ جامع، منصفاڻي ۽ ڊگهي مدي واري امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن لاءِ پنهنجي حمايت کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن ۽ عالمي تنظيمن کان قرارداد جي مطالبي جي به توثيق ڪري ٿو. جيس??ائ??ن اشتعال ??نگيزي جاري آهي، جنگ جو وڌيڪ فوجي ۽ جاگرافيائي طور تي وڌڻ جو سدائين خطرو موجود آهي جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ فوري خط??و آهي. ??اڪ??تاني نمائندي چيو ته قرارداد جي مسودي ۾ موجود اصولن ۽ عمومي شقن سان اتفاق ۽ ان جي توثيق ڪندي ڪجهه شقون ??اڪ??تان جي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن، هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي جنهن پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊگهي تڪرارن کي ڏٺو ۽ ان کي منهن ڏنو آهي، اسان سڌو سنئون يا اڻ سڌو ڳالهيون، ثالثي ۽ ٻين پرامن ذريعن جي ذريعي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي حاصل ڪرڻ لاءِ دشمني جي فوري خاتمي ۽ ٻيهر ڳالهين جي آغاز کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان عالمي تڪرارن جي پيسفڪ سيٽلمنٽ لاءِ گڏيل قومن چارٽر جي شقن جي باب VI ۽ VIII تحت تڪرار جي پرامن سفارتي حل لاءِ ڳالهين کي برقرار رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽ??ائ??، نئين سري سان ڳالهين جي پائيدار ڪوششن لاءِ گڏيل قومون ۽ سيڪريٽري جنرل اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ??اڪ??تاني نمائندي منير اڪرم چيو ته ??اڪ??تان کي اميد آهي ته هڪ تعيري موقف ۾ ڌريون جلد ئي گڏيل ۽ جلد دشمني جي خاتمي کي قبول ڪري وٺنديون.
علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، يوڪرين جي حوالي سان قرارداد جون ڪجهه شقون پاڪستان جي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز