رياض -13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان جي مرڪز برائي امداد ۽ انساني خدمت بردار ۽ دوس?? ملڪن لاءِ رمضان جي آمد تي کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن ??ا تحفا ڏنا ويندا. سعودي خابرو اداري مطابق شاهه سلمان مرڪز جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه گادي واري شهر رياض ۾ کارڪ تحفا پروگرام جو افتتاح ڪندي چيو ته هن جو ملڪ گذ??يل سالن دوران عالمي سطح تي انسانيت نواز امداد فراهم ڪرڻ ??اري 5 وڏي ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته گذ??يل سال سعودي عرب عالمي ترقياتي امداد فراهم ڪرڻ ??ارن ۾ سرفهرست رهيو. ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو ته کارڪن ??ا تحفن جو پروگرام مملڪت جي نخلستانن جي ڪاميابي، برادر ۽ دوس?? ملڪن سان محبت جي ??لا??ت آهي چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن ??ا تحفا ڏنا ويندا، انهن ملڪن جو واسطو ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ سان آهي.
سعودي عرب: شاهه سلمان جي مرڪزي دوست ملڪن لاءِ کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات، 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کارڪون بطور تحفا ڏنا ويندا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز