رياض-29 مارچ (اي پي پي) سعودي ع??ب چيو آهي ته مسجد اقصي ۾ اسرائيلي آبادڪارن جا حملا مذمت جوڳا آهن، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي پرڏيهي کاتي قاب?? اسرائيلي فوج جي موجودگي ۾ مسجد اقصي ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي جارحاڻي عمل جي مذمت ڪندي ان کي سختي سان رد ڪيو آهي، پرڏيهي کاتي بيان ۾ چيو آهي ته قبله اول مسجد اقصي جي احاطي ۾ اسرائيلي فوج جي سرپرستي ۾ آبادڪارن جي دراندازي امن ڪوششن کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسجد اقصي جي بيحرمتي جا واقعا امن ڪوششن کي تباه ڪرڻ ۽ مقدس جاين جي حوالي سان مسلمانن جي عا??مي اصولن ۽ روايتن جي خلاف ورزي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ع??ب چاهي ٿو ته 1967 جي سرحدن تي مشتمل هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر القدس هجي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria