اسلام آ??اد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو ڀارتي ظلمن خلاف بيگناهه ڪشميرين سان يڪجهتي جو ا??هار عالمي برادري لاءِ پيغام آهي ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ فوري ۽ موثر ڪردار ادا ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته او آءِ سي گواهي ڏني آهي ته ايل او سي تي ڀارتي فوج بي گناهه شهرين تي بندش پيل ڪلسٽر هٿيار استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو آهي ته ڀا??ت جي ڪاغذي ڪارروائي رد ڪريون ٿا، ڀا??ت جي ناپاڪ ڪوششن سان زميني حقيقتون تبديل ناهن ٿيون، ڀا??ت جي ان عمل ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي جلا بخشي آهي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، پاڪستان ??مو??ا دستياب آپشن استعمال ڪندو، اهڙن خيالن جو ا??هار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا