اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خا?? 73 ??الن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستا?? ۾ ??ٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب ي??نيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض س??ان??ام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخي?? ۾ ??مايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض س??ان??ام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صحافتي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر صحافتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.
اي پي پي جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت