اسلام آباد – 05 جون (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن ??ي ڏي وٺ جي هڪ ??ميٽي جوڙي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ ??اءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائي رهي آهي
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil