اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار ميڊيا تي يقين رکي ٿي، پي ايم ڊي اي تحت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻجندو، اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز وٽ پنهنجي ايشوز جي حل لاءِ ڪو به پليٽ فارم نه هو، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي هاڻي مشاورت جو عمل جاري آهي، ان تي (ن) ليگ جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، پي ايم ڊي اي تي تنقيد ڪندڙ مريم اورنگزيب پاڻ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي، ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ڇت هيٺ متحد ڪري آسانيون پيدا ڪري ر??يا آهيون، ترقي يافته ملڪ ميڊيا جي ارتقائي عمل ۽ درپيش چئلينجز مان جهڙي طرح سرخرو ٿيا اهڙن طريقن مان ره??ما??ي حاصل ڪندي پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ته رات جي پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين مشاورت جي ر??ايت وڌي آهي، (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ميڊيا سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ميڊيا ۽ عوام سڀ ڄاڻي ٿي، هن چيو ته آزاد صحافت تي ڪا به پابندي نه لڳائي ر??يا آهيون، ڪجهه ماڻهو پي ايم ڊي اي جي مرضي موجب تشريح ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي تي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پريس ڪلبز، ميڊيا تنظيمن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي. هن چيو ته اسٽيڪ هولڊرز پاران ميڊيا ڊولپمينٽ، ڊجيٽل ميڊيا کي ??يگ??ليٽ ڪرڻ، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جي تحفظ جي قدمن تي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي وئي، اسان آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي، ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ايم ڊي اي بل جا نقطا نه پڙهيا آهن نه ڏٺا آهن ان جي باوجود پي ايم ڊي اي کي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جي ور چاڙهي ر??ي آهي، هن چيو ته ميڊيا بابت ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ ??اڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي ر??يا آهيون.
موجوده حڪومت ميڊيا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار ميڊيا تي يقين رکي ٿي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری