اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان م??ن واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت س??ن واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان پاران ا??لي?? سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به ا??ها?? ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جو آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان اسٽاف جي واپسي ۾ مثبت ڪردار تي ٿورو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد