اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن سان نو??وانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو اسپورٽس ب??ڊيز ۾ مافياز جو خاتمو ڪري ڇڏيو، خيبرپختونخوا ۾ 300 ۽ پنجاب ۾ 200 گرائونڊ ٺهي چڪا آهن، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا ميدان هجڻ گهرجن، شاگردن کي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ ڏنا، هن وقت تائين 63 لک مستحق نو??وانن کي 47 ارب روپين جا وظيفا ڏئي چڪا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي مقابلي ”ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو نو??وانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم ڪاميان جوان اسپورٽس ڊرائيو جي انعقاد تي عثمان ڊار کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته نو??وانن جي لاءِ رانديون انتهائي ضروري آهن، مون 21 سال عالمي اسپورٽس گرائونڊ ۾ گذاريا، آئون نو??وانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته راندين مان هو مقابلو ڪرڻ سکندا آهن، راندين جي ذريعي کين کٽڻ به ايندو آهي ۽ هار کي سمجهڻ به ، رانديون اسان کي سيکارينديون آهن ته اسان هار کان دلبرداشته ناهي ٿيڻو ۽ ڪرڻ جو اٿي بيهي مقابلو ڪرڻو آهي، ??سپورٽس مين مشڪل وقت ۾ گهٻرائيندو ناهي ۽ دلبرداشت ناهي ٿيندو ڇو ته انسان هارائيندو ان وقت آهي جڏهن هو هارائڻ کانپوءِ پنهنجي غلطين جو جائزو ناهي وٺندو ۽ پهرين کان وڌيڪ محنت نٿو ڪري، ??ن جي لاءِ آئون نو??وانن کي نصيحت ڪريان ٿو ته هو اسپورٽس جي ذريعي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪن، رانديون اسان جي صحت لاءِ به ضروري آهن، جيڪي الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي، ??نسان کي ان نعمت جي قدر ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي، ??سان جي حڪومت ۾ نو??وانن کي راندين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گرائونڊ تيار ڪيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هن وقت تائين 300 ۽ پنجاب ۾ 260 گرائونڊ ڍاهي چڪا آهيون، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا گرائونڊ هجڻ گهرجن، وزيراعظم چيو ته نيوزي لينڊ جنهن جي آبادي صرف 50 لک آهي ۾ 22 ڪروڙ جي آبادي واري پاڪستان کان به وڌيڪ گرائونڊ آهن، اسان جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندين جي ميدانن جو ڄار وڇائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت نو??وانن کي تعليم جي بهتر موقعن جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا جون صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت 63 لک نو??وانن کي 47 ارب روپين جا وظيفا ڏنا آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن شاگردن کي ايتري وڏي تعداد ۾ اسڪالرشپ ناهن مليا، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اسپورٽس ۾ شرڪت ڪري، ??ن جي لاءِ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ وڌ کان وڌ راندين جا ميدان ٺاهيا پيا وڃن، سينٽر آف ايڪسي لينس ٺاهي ٽيلنٽ کي پروموٽ ڪنداسين، هن چيو ته حڪومت اسپورٽس ب??ڊيز جي اصلاح ڪري رهي آهي، نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ پراڻو سسٽم جنهن ۾ اسپورٽس ب??ڊيز ۾ مافياز ويٺل هئي جو خاتمو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو سان پاڪستان جي لاءِ نو??وانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم مشعل ٻاري اسپورٽس ڊرائيو جو آغاز ڪيو، ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو تحت ٽيلنٽ هنٽ ۾ 6 هزار اٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، پروگرام تحت 4 ارب روپين جي 4 نون منصوبن جو آغاز ڪيو ويو آهي، ??سپورٽس ڊرائيو تحت 15 مان 25 سالن جي نوجوانن جنهن ۾ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن، مختلف راندين ۾ حصو وٺندا جنهن سان نو??وانن جو ٽئلنٽ اڀري سامهون ايندو.
موجوده حڪومت نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج