اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوانن کي ه??رمند بڻائڻ ۽ ??ار??يٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ار??يٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين تي وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نوجوانن کي ه??رمند بڻائڻ ۽ ??ار??يٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ار??يٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، وائيس چانسلر نيشنل اسڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختيار اجلاس کي يونيورسٽي تي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻي سينيٽ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي به بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي کي ايڇ اي سي جي پاران اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ٽ??ڪنالاجي، ڪيميڪل انجنيئرنگ ٽ??ڪنالاجي، سول انجنيئرنگ ٽ??ڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جا نوان ڪلاسز شروع ڪرڻ جو اين او سي ملي ويو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي 20 آڪٽوبر 2021ع جي ٿيندڙ ٻي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.
نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria