اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جو مقصد عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ آهي، جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪو به سسٽم ڪامياب نٿو ٿي سگهي، بهتر ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ۽ مراعتون ڏنيون وينديون. مسئلن جي حل لاءِ غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. نيب ۾ سڌارن کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو بهانو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير خصوصي صلاحڪار، وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به م??جو?? هئا. وزيراعظم تقريب ۾ بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جنهن ۾ مواصلات واري وزارت، منصوبابندي ۽ ترقي، غربت جي خاتمي، وفاقي تعليم، انساني حقن، صنعت ۽ پيداوار، قومي سلامتي واري ڊو??زن، واپار، گهرو ۽ قومي غذائي تحفظ شامل آهن، ۾ تعريفي سندون ورهايون. وزيراعظم وزارتن جي ڪ??رڪ??دگي جانچڻ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ارباب شهزاد ۽ ان جي ٽيم کي مب??رڪ??اد ڏني، وزيراعطم چيو ته ايندڙ تقريب جي انقعاد کان اڳ بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا ته جيئن سڀئي وزارتون تقريب ۾ م??جو?? هجن ۽ انهن جي وزارت جي ڪ??رڪ??دگي سڀني جي سامهون اچي سگهي ته جيئن جن وزارتن جي ڪ??رڪ??دگي بهتر نه آهي ۽ جن وزيرن ڪم ناهي ڪيو انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي. وزيراعظم چيو ته ڪو به سسٽم جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم نجي شعبي جي اسپتالن جو مثال ڏنو، جن ۾ پگهارون ۽ مراعتون سرڪاري اسپتالن کان گهٽ آهن پر انهن جي ڪ??رڪ??دگي بهتر آهي ڇاڪاڻ جو اتي ترقي ۽ مراعتون سينارٽي جي بنياد تي نه پر ڪ??رڪ??دگي جي بنياد تي ڏنيون وينديون آهن، هن چيو ته حڪومت ڪ??رڪ??دگي جانچڻ جو نظام جوڙيو آهي، جنهن سان سرڪاري ادارن جي ڪ??رڪ??دگي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد کي بهترين ڪ??رڪ??دگي تي مب??رڪ??اد ڏيندي چيو ته هو ن??جو??ن وزير آهي ۽ هن بهترين ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ کي پاڻ ڀاڙڻ طرف گامزن ڪرڻ لاءِ وزارتن جو ڪردار اهم آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ ۽ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جو مشن آهي، مسئلن جي حل لاءِ روايتي سوچ کان نڪري غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ڏنا ويندا، بغير فرق سڀني کي مراعتون ڏيڻ جو نظام نه هجڻ گهرجي، هن وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم سوچي. وزيراعظم چيو ته نيب ۾ سڌارن کانپوءِ هاڻي بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو نه آهي
گورننس جو مقصد عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ آهي، جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪو به سسٽم ڪامياب نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش