لاهور – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين ??اسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ن??ڪا??ي کانپوءِ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي خلاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آ??ن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حافظ آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ن??ڪا??ي کانپوءِ مخالف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي خلاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آ??ن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان اڳ اسلام آباد ڊي چوڪ ۾ وڏي عوامي ميڙ سان مخالف ڌر جون اکيون کلي وينديون، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي دور ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ ??چڻ کان اڳ واعدو ڪيو هو ته هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندو ۽ نه قوم جو ڪنڌ جهڪڻ ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا جو ڪيس جهڙي طرح وڙهيو پوري دنيا ان جي معترف آهي ۽ وزيراعظم عمران خان غيرملڪي قوتن کي ايبسوليوٽلي ناٽ چئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد ۽ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو ويو آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان کي هن وقت عمران خان جهڙي دلير قيادت ۽ ليڊر جي ضرورت آهي، عوام پرچيءَ واري وزيراعظم کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندي. هن چيو ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين ??اسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين ??ر انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي. هن چيو ته مولانا ??ضل الرحمان جو بي اعتمادي رٿ جي ن??ڪا??ي جي صورت ۾ ملڪ ۾ انارڪي جي خدشي وارو بيان ملڪي حالتن کي خراب ڪرڻ جو اشارو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جا ماڻهو ۽ انهن جا ننها مُنا ??ار رڳو پنهنجي ڪرپشن جي رقم کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهن، انهن جي ڪا قومي ايجنڊا نه آهي رڳو ذاتي ايجنڊا آ??ي.
مخالف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال