انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو اڄ اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ ف??وغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ قيادت شريڪ هئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اربع ڏينهن صدر رجب ط??ب اردوان سان ملاقات ڪ??دو. وزيراعظم کي صدارتي محل ۾ ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان سان ملاقات لاءِ ترڪ روايتن موجب جانثاري دستي جي حصار ۾ ورتو ويندو، وزيراعظم جو گارڊ آف آنر سان شاندار استقبال ڪيو وي??دو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪ صدر جي ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندا. وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي، وزيراعظم شهباز شريف مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري به ڏي??دو.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا