پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ??شم??ري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ??شم??ر ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ??شم??ري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو والاريل ??شم??ر جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر م??لو?? ??شم??ري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ??شم??ر استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر م??لو?? ??شم??ري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ??شم??ري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ??ڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ??شم??ر جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ??شم??ر بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ??شم??ري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.
اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين: خيبرپختونخواهه جو وقتي گورنر مشتاق احمد غني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار