اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دو??و ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دو??ي سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ ??ي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دو??و پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ?? مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دو??و موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن ??ي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين ??ي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری