اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽا??ڪ فورس (فيٽف) جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيندي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ اسان جي ??ظيم قربانين جو اعتراف آهي، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ الله تعاليٰ جي ??ڏو شڪر سان جهُڪيل آهي، عا??مي سطح تي پاڪستان جي ??اک ۽ وقار جي ??حالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ اهو اسان جي ??ظيم قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي ??اتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته فيٽف ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ وزارتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي ??يم او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبارڪباد ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ??تحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدالله نواز شريف جي ??ور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اين آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي ??اطر مخالف ڌر ۾ به اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اينديون.
پاڪستان جو نالو فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار