اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ??رڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي ??ئي ??ڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ??رڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ??رڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ??رتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ??رڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ??اءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي ر?? گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.
اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک