اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي ع??ر جي ع??رت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ران جاري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي ان??ن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني ع??ام جي ا??سا??ي حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطيني ع??ام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج