اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ??ال??ريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي ??ال??ريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون ح??لت??ن پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پ??هنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وا??و شهر اوڀر بيت المقدس هجي.
پاڪستان پاران والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ