اسلام آباد – 06 – جون (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته وزيرا??ظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيرا??ظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيرا??ظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وزيرا??ظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيرا??ظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصي??ن سان چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيرا??ظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عم??ي تي اعتماد ۾ وٺندو.
وزيراعظم اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد