اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ??نديون رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??لاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ??نديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل ف??ڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ اح??د خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
چوڌري شجاعت حسين سان اتفاق آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ