اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وف??قي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ??ري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿ?? سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ??ري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وف??قي وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ??ري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وف??قي وزير چيو ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايند?? نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئ?? سگهيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.
گڏيل قومون کي استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو: سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم