اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي ناظم ??لامور پانگ چنڪسو چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن جو هڪ اهم ??صو آهي، ٻنهي ??لڪن ملڪ گڏيل طور تي 475 کان وڌيڪ تحقيقي منصوبن کي فنڊز فراهم ڪيا آهن، جن ۾ زراعت، ايرو اسپيس ۽ ڪيميائي صنعت به شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ه?? چيو ته 1976ع ۾ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ بين الحڪومتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ شاندار نتيجا حاصل ٿيا آهن، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ پاڻي وسيلن جي تحفظ، طبي ۽ صحت جي سارسنڀال، بائيو ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، ماحوليات، توانائي، موسميات، ارضيات ۽ ٽيڪنالاجي جي انتظام جي شعبن ۾ پڻ ڪيترن ئي منصوبن جي مالي معاونت ڪئي وئي آهي. چين جي ناظم ??لامور چيو ته اڄ هتي اسا?? چين جي خلائي اسٽيشن ۾ ڇهن مهينن کانپوءِ پاڪستاني ادوياتي ٻوٽن جي ٻجن کي حوالي ڪرڻ جي تقريب جي لاءِ آيا آهيون. شينزو XIV خلائي جهاز گذريل سال جون ۾ هڪ سائنسي تجربو ڪرڻ جي لاءِ خلا ۾ موڪليو ويو هو ۽ گذريل ڊسمبر ۾ حفاظت سان زمين تي واپس آيو، هي ??هريون موقعو آهي جڏهن پاڪستاني ٻوٽا خلا ۾ موڪليا ويا، اهو تجربو يقيني طور تي چين پاڪستان دوستي جي تاريخ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعاون جي تاريخ ۾ لکيو ويندو. ه?? چيو ته ٻطرفي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي پڻ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت شامل ڪيو ويو آهي جيڪو يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي مضبوط معاونت فراهم ڪندو. چين جي ناظم ??لامور پانگ چنڪسو گڏيل ڪوششن تي ٻنهي ??لڪن جي سائنسدانن جا ٿورا پڻ مڃيا. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، ڪامسٽيڪ ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي عهديدارن ۽ ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي سفيرن ۽ نمائندن کي ان خصوصي موقعي جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ تقريب ۾ شرڪت تي ان جا ٿورا مڃيا. ناظم ??لامور چيو ته ٽي مهينا اڳ بيجنگ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دورا?? چيني صدر شي جن پنگ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته چين پنهنجي ترقياتي حڪمت عملين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ه?? چيو ته اهو ٻنهي ??لڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي عملي جامعو پارائڻ جو هڪ ٻيو واضح مثال اهي. ه?? چيو ته ٻئي ملڪ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان ??ڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي: چين جو ناظم الامور پانگ چنڪسو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر