دبئي -25 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي جي اپيل ڪورٽ هڪ ايشيائي کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا ٻڌائي آهي. الامارات اليوم مطابق يو اي اي کان ٻاهر هڪ ڊرگ ڊيلر طرفان ايشيائي شهري کي گمنام پيغام مليو جنهن ۾ کيس ملڪ ۾ ا?? ڪم جي لاءِ چيو ويو. ايشيائي شهري ڊيلر سان منشيات ڪرسٽل خريد ڪئي ۽ اي ٽي ايم ذريعي رقم ان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جن هن کان پوءِ ڊرگ ڊيلر طرفان کيس ان جڳهه جو نقشو ڏنو ويو جتي منشيات موجود هئي پر پوليس کيس گرفتار ڪري پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ دبئي پوليس جي جنرل ڊپارٽمينٽ آف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٻڌايو ته جو??بد??ر کي شڪ جي بنياد تي هڪ مارڪيٽ ويجهو منشيات کڻي ويندي پڪڙيو ويو. ان بابت ڄاڻ اعتماد جوڳن ذريعن طرفان ملي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جو??بد??ر قانون طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود پيش نه ٿيو، عدالت ??يصلي ۾ ڪيس جي سمورين شاهدين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جو??بد??ر جو ڏوهاري ارادو پڻ نظر اچي ٿو، سموريون رپور??ون ۽ شاهديون ان جو ڏوهه ثابت ڪن ٿيون، تنهن ڪري کيس 10 هزار درهم ڏنڊ ۽ ملڪ مان بدخلي جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيائي شهري کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ