نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊو??لڊ ??رم?? ڊج??ٽل ڪرنسي جي استعمال جي حامي پال ايٽڪنز کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽو ڪرنسي انڊسٽري طرفان پال ايٽڪنز جي نامزدگي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. ڊو??لڊ ??رم?? پنهنجي چونڊ مهم دوران آمريڪا جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده سربراهه گيري گينسلر کي عهدي تان هٽائڻ جو واعدو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور ۾ آمريڪا ۾ ڊج??ٽل ڪرنسي استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ڊو??لڊ ??رم?? پاران ان موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پال ايٽڪنز 2017?? کان ڊج??ٽل چيمبر آف ڪامرس جو شريڪ چيئرمين رهيو، اهو تسليم ڪري ٿو ته ڊج??ٽل اثاثا آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائڻ لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. هڪ ٻي بيان ۾ ڊو??لڊ ??رم?? اڳوڻي سينيٽر ڪيلي لوفر کي سمال بزنس ايدمنسٽريشن جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊو??لڊ ??رم?? جي چونڊ دوران ڪرپٽو ڪرنسي جي حامين طرفان ??رم?? کي وڏي انگ ۾ عطيا فراهم ڪيا هئا. ڊو??لڊ ??رم?? جي ان قدم کانپوءِ ڊج??ٽل ڪرنسي ٻٽ ڪوائن جو ايشيائي ٽريڊ مارڪيٽ ۾ اگهه وڌي هڪ لک 2 هزار 700 ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڊو??لڊ ??رم?? جي 5 نومبر تي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊو??لڊ ??رم?? پنهنجي ئي نامزد ڪيل دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٺ جي جڳهه تي فلوريڊا جي گورنر ران ڊي سينٽيس کي پينٽاگون جي قيادت لاءِ نامزد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه آمريڪا جي مشهور اخبار” وال اسٽريٽ جنرل “ پنهنجي رپورٽ ۾ چئي آهي. جڏهن ته وال اسٽريٽ جنرل جو اهو به چوڻ آهي ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڊو??لڊ ??رم?? پيٽ هيگسيٺ جي جاءِ تي ڊي سينٽيس کي دفاع واري وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران پال ايٽڪنز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو سربراهه نامزد، دفاع واري نامزد وزير پيٽ هيگسيٺ جي تبديلي تي غور
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔