غزه -26 ڊسمبر(اي پي پي) اسرائيلي فوج غزه جي نصيرات پناهگير ڪيمپ وٽ گاڏي تي ڪيل حملي دوران پنج صحافي مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل غزه ۾ گذريل صبح جو فلسطيني صحافين تي هوائي حملي جو اعتراف ??يو آهي. اسرائيل تصديق ڪئي آهي ته غز?? ۾ ??يڊيا جي گاڏي جي ڇت تي واضح طور پريس جا لفظ لک??ل هيا ان تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ فلسطيني سيٽلائٽ ٽي وي چينل القدس ٽو ڊي سان لاڳاپيل پنجن صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اها گاڏي هڪ دهشتگرد سيل جي هئي. اسرائيلي فوج غز?? ۾ ??نهنجي ڪاروائين دوران ڪيترن ئي فلسطيني صحافين کي قتل ڪري چڪي آهي. پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت فراهم ناهي ڪيو. مارجي ويل صحافي نصيرات پناهگير ڪيمپ ۾ العوده اسپتال سامهون وين ۾ ستا پيا هيا ته اسرائيلي فوج ان وين کي هوائي حملي جو نشانو بڻايو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش