لاهور – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد نواز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم ??حمد نواز شريف طرفان ??ڏيل قومن کي ياد ڏياريل ”نامڪمل ايجنڊا“ جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ نئين سري سان ??وششن جو آغاز ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪابينا ڀارتي ظلمن خلاف 19 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ??ندي سي ايس ايس جي لاءِ عمر جي مٿين حد 28 سال مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇ??ي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعظم ??واز شريف جي قيادت ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ جاري پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ??شميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم ??حمد نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن کي ڪشمير جي باري ۾ پنهنجي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار