اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي انهن عملن تي گهري نظر رکڻي پوندي جيڪي ڪڌن مقصدن ۽ بدنيتي سبب ڇڪتاڻ کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ نازڪ معاملن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري غلط فهميون وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران افغان شاگردن جي لاءِ ٽي هزار اسڪالرشپس?? ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد رڳو جاگرافيائي ويجهڙائپ نه آهي پر ٻئ?? قومون رت، ثقافت، تاريخ ۽ عقيدي جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، اهو ئي تعلق هو جنهن سبب اسان جي ابن ڏاڏن جي وچ ۾ سدائين ويج??ا ۽ پرجوش لاڳاپا رهيا.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش