اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاناما پيپرز ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيص??ي کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 4 ج??ن 2018ع تائين پنهنجو مينڊيٽ مڪمل ڪندي، اڄ جو ڏينهن تاريخي نه پر ڪارو ڏينهن آهي، قوم جي حق حاڪميت کي پائمال ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ناهي ٿيو، عدالت جي وقار کي مٿانهون رکنداسين. سپريم ڪورٽ جي فيص??ي کانپوءِ پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، زاهد حامد، شاهد خاقان عباسي، انوشه رحمان ۽ بئريسٽر ??فر الله پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي قا??ون جي ماهر بئريسٽر ??فر الله چيو ته عمران خان، شيخ رشيد ۽ سراج الحق جي پٽيشن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو، نواز شريف جي لنڊن جي فليٽس، سندس جي تقريرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کي جواز بڻائي فيصلو ڪيو ويو. نواز شري?? جو موقف هو ته اسان ڪنهن فني معاملي ۾ نه پونداسين، اسان جو دامن صاف آهي
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاران سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria