اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي مقرري لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ??هي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لا?? ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ??ه ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي تجويزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.
وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria