اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي رو??گار جي فراهمي جو عمل ??اري آهي، قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن جي تعداد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بااختيار ۽ باعزت رو??گار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي قرض ورهائڻ جو عمل ??يز ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??وجوانن ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي، نجي بئنڪن کي قرض جي ورهاست ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، حڪومتي س??ح تي منصوبي جي شفافيت ۽ ميرٽ جي مڪمل نگراني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام نوجوانن کي رو??گار جي فراهمي جو سب کان وڏو حڪومتي منصوبو ب??جي چڪو آهي، پاڪستاني جاب مارڪيٽ ۾ ڪامياب نوجوان جو اضافو خوش آئنده آهي. نوجوانن کي وسيلن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن چيو ته ??زيراعظم جي ويزن جي تڪميل تائين نوجوانن جي حڪومتي مدد هر سطح تي جاري رکنداسين، هن چيو ته ??روگرام ۾ غير جانبداري، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪامياب جوان پروگرام جو سربراهه عثمان ڊار مبارڪباد جو مستحق آهي.
ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو عمل جاري آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔