اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي شعبي ۾ جدت سان ??لڪ ترقي جي منزل طئي ڪندو جڏهن ته قدر جي بنياد تي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، دنيا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ??اڻ??ن جو وڏو انگ گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيسن کي بطور چانسلر خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ سائنس ۽ ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، يوينورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر محمد تبسم افضل، تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربر??هن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر يونيورسٽي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي رينڪنگ تي ريڪٽر، استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته اخلاقيات کانسواءِ علم جو ڪو فائدو نه آهي، اسان جي معاشري جي خوبصورتي اسان جا قيمتي قدر آهن، شاگرد ماءُ پيءُ جي تربيت جي ڪري هيستائين پهتا آهن، ڪائنات جو علم وسيع آهي، شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻن موقعن مان ??ائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسيٽس جو ڳاڻيٽو بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، شاگرد اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ تي والدين جا ٿورا مڃين، ملڪي ترقي جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، زمانو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪميونيڪشن اسڪلز اهميت رکي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 ملين سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي، وزيراعظم آءِ ٽي تان ??يڪس ختم ڪيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ورچوئل يونيورسٽي 22 لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏنا اهن، ضروري آهي ته هيومن ريسورس جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته هن چيو ته فيصلاسازي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ خال کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد تبسم افضل ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مجموعي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان اڳ يونيورسٽي جي چانسلر صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ڪانووڪيشن هال ۾ داخل ٿيو جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ يونيورسٽي جي استادن بيهي سندس شاندار آجيان ڪئي. صدر نمايان ??وزيشن ??اڻ??ندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل ۽ ڊگريون پڻ ورهايون.
ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada