اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ ق??دي?? جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪا جيلن ۾ ق??دي?? جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي. هن چيو ته ان ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان ??وقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته ق??دي?? جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن ق??دي?? جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيراعظم ق??دي?? جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ق??دي?? جي هنرسازي جي ل??ءِ پ?? دستياب ذريعن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم رمضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان ??هيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي خصوصي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا