اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) نئين ??فاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين ??حمد صادق سنجراڻي نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن وفاقي ڪابينا جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. نئين ڪابينا ۾ جن وزيرن کي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين ??يرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، سيد مرتضيٰ محمود، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسعد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما شامل ??هن. ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو کي ڪابينا ۾ مملڪتي وزير جا قلمدان ڏنا ويا ??هن. ڪابينا ۾ قمر زمان ڪائره، انجنيئر امير مقام ۽ عو?? چوڌري کي صلاحڪارن جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. نئين ??فاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادين ??ارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي ش??ل ڏني وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين ??زيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين ??زيراعظم جي حيثيت سا?? چونڊ ڪئي هئي.
نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں