نيويارڪ -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته جنگ سبب تباهه ٿيل ??زه ۾ امدادي قافلن جي داخلا وڏو قدم آهي پر علائقي ۾ ٻارڻ جي کوٽ وڏي ڳڻتي جو سبب آهي، ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي ترجمان عاليه زڪي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ??زه ۾ ٻارڻ جي کوٽ بيحد ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. هن انساني ب??يادن تي جنگ بندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڀريو جنهن سان امدادي ڪارڪن پنهنجي ۽ ضرورتمند ٻنهي لاءِ حفاظتي سامان فراهم ڪري سگهندا. فلسطين جي اختيارين جي تازن اطلاعن مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ شدت سبب ??زه ۾ فوت ٿيلن جو انگ 5087 تائين پهچي ويو آهي. جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 15273 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز