لنڊن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پابندين ۾ هاڻي ايراني پاسداران انقلاب جي اسپيشل فورسز يونٽ ”قدس فورس“ کي شامل ڪي?? ويو آهي . ان پابندي جو برطانيا جي حڪومت جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل ??ازي بليڪ لسٽ مان به اظهار ٿي رهيو آهي. العربيه برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ۽ اثا ثن کي ضبط ڪرڻ جي صورت ۾ اهي پابنديون ايراني پاسداران انقلاب جي يونٽن مان هڪ جي ڪمانڊر حميد فاضلي خلاف لاڳو ڪيون ويون آهن. عبدالفتاح اهوازيان ۽ بهنام شهرياري تي به پ??بنديون لڳايون ويون آهن. برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ موجب عبدالفتاح اهوازيان ايراني حڪومت جي مخالف سرگرمين ۾ ملوث هيو. انهن سرگرمين جو مقصد برطانيا کي غير مستحڪم ڪرڻ هيو. بهنام شهرياري اسرائيل، عراق، يمن ۽ لبنان ۾ حالتن کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سرگرمين ۾ به ملوث هيو. فهرست ۾ ٻڌاي?? ويو آهي ته قدس فورس جو يونٽ 700 برطانيا اندر عدم استحڪام پيدا ڪندڙ سرگرمين جي تياري ۽ منصوبه بندي ڪري رهيو هيو. گڏيل ??ور تي هاڻي ايران خلاف برطانيه جي پابندين جي لسٽ ۾ 27 قانوني ادارا ۽ 190 ماڻهو شامل ٿي ويا آهن.
برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa