استنبو?? – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسرائيلي فوج جي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان اسرائيلي فورسز جي طرفان جاري قتل عام ۽ بي گناهه فسلطينين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن جي شديد مذمت ڪ??ي ٿو ۽ او آءِ سي سان گڏ بيٺل آهي. اسلامي تعاون تنظين جي ستين غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ا??ان هن وقت تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺل آهيون، اسان کي پنهنجي اخلافن کي هڪ پاسي رکي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ حمايت ڪ??ڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje